ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته سرحد پار کان دهشتگرديءَ جو خطرو ناهي ٽَريو

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته سرحد پار کان دهشتگرديءَ جو خطرو ناهي ٽَريو، نه ئي ڀارت ڳالهين لاءِ راضي پيو ٿئي، سرحد پار خطرا ختم ٿيا ته فوج واپس گهرائي ويندي، گم ٿيل 7 هزار ڪيسز مان 4 هزار ماڻهن جو معاملو حل ٿي ويو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سرحد پار کان دهشتگردي جو خطرو اڃا نه ٽَريو آهي، ڀارتي فوج عام شهرين کي نشانو بڻائي رهي آهي.

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڪرتارپور راهداري منصوبو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ روزانو 4 هزار سک ياتري پاڪستان اچي سگهندا.

هن چيو ته بلوچستان ۾ سڪيورٽي حڪمت عملي تبديلي ڪري ڇڏي آهي ، جيڪا ڪارائتي ثابت ٿي آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته  گم ٿيل 7 هزار ڪيسز مان 4 هزار ماڻهن جو معاملو حل ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*