وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان امريڪا لاءِ گهڻيون جنگيون وڙهي چڪو

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان امريڪا لاءِ گهڻيون جنگيون وڙهي چڪو، هاڻي اهو ئي ڪنداسين جيڪو ملڪ جي مفاد ۾ هوندو،  ٽرمپ سان ٽوئيٽر تي جنگ نه هئي، کيس تاريخي حقيقتن بابت آگاهه ڪرڻ ضروري هو، امريڪي ڊرون حملن سان هڪ دشمن ۽ 10 دوست مرن ٿا.

امريڪي اخبار کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ڀاڙي واري بندوق نه آهيون، پاڪستان اندر  طالبان جي ڪي به ٿاڪ نه اهن.

هن چيو ته سپر پاور ملڪ سان سٺا لاڳا رکڻ ڪير پسند نه ڪندو، پاڪستان به آمريڪا سان برابري وارا لاڳاپا چاهي ٿو .

وزيراعظم چيو ته پاڪستان امريڪا جي جنگ وڙهڻ دوران تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي، هاڻ اسان هو ڪنداسين، جيڪو اسان جي ملڪ مفاد ۾ بهتر هوندو.

عمران خان چيو ته امريڪي صدر پاڪستان ۾ طالبان جي ٺڪاڻن جو الزام لڳايو هو، حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ آمريڪا کان پڇا ڪئي ته ڪهڙي هنڌ ٿاڪ آهن.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي ٽوئيٽ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ٽوئيٽرتي جواب ڏيڻ جو مقصد رڪارڊ درست ڪرڻ هو، ڪا به جوابي جنگ نه هئي.

وزيراعظم چيو ته پاڪ افغان سرحد تي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، جتان دهشتگردن جي اچ وڃ تمام گهڻي مشڪل آهي.

پاڪستان ۾ آمريڪي ڊرون حملن تي اعتراض ڪندي عمران خان چيو ته ڇا ڪو اتحادي ملڪ پنهنجي اتحادي تي حملا ڪندو آهي؟ جڏهن به ڊرون حملو ٿيندو آهي ته هڪ دشمن ۽ 10 دوست مارجي ويندا آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*