گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده مليحه لوڌي چيو آهي ته افغانستان ۾ مستقل امن لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده مليحه لوڌي چيو آهي ته افغانستان ۾ مستقل امن لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا تسليم ڪري ورتو ته افغان مسئلي جو ڪو به فوجي حل نه آهي، افغانستان ۾ امن پاڪستان جي پنهنجي مفاد ۾ آهي.

نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميلحه لوڌي چيو ته افغانستان ۾ پائيدار امن لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته سڄي دنيا هاڻ قبول ڪري چڪي آهي ته افغانستان مسئلي جو ڪو به فوجي حل نه آهي، وزيراعظم عمران خان به سياسي عمل ۽ ڳالهين ذريعي افغان مسئلي جي حل ڪڍڻ جو چيو آهي.

هن چيو ته افغانستان ۾ امن جو قيام پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، افغانستان ۾ گهرو ويڙهه ۽ بدامني سان پاڪستان کي به تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي.

هن چيو ته آمريڪا طرفان قطر ۾ طالبان سان ڳالهيون جاري رکڻ سٺو سنوڻ ۽ اڳڀرائي آهي.

ميلحه لوڌي چيو ته آمريڪي  صدر ڊونلد ٽرمپ خط جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان ڳالهين ذريعي مدد ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*