وزيراعظم جي خاص صلاحڪار عثمان ڊار ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري وچ ۾ نوجوانن جي يوٿ پاليسي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي

وزيراعظم جي خاص صلاحڪار عثمان ڊار ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري وچ ۾ نوجوانن جي يوٿ پاليسي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. عثمان ڊار چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان مدرسن جي شاگردن جو روشن مستقبل چاهي ٿو، نورالحق قادري چيو ته يوٿ پراگرام ۾ مدرسن جي شاگردن جي شموليت انقلابي قدم آهي.

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مدرسن جي شاگردن کي يوٿ پرگراوم ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تياريون  شروع ٿي ويون آهن.

وزيراعظم جي هدايت تي خاص صلاحڪار عثمان ڊار پاليسي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

عثمان ڊار مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مدرسن جي نوجوانن کي يوٿ پاليسي جي فريم ورڪ ۾ آڻڻ تي مشاورت ڪئي. وئي.

عثمان ڊار چيو ته مدرسن ۾ پڙهندڙ نوجوان قيمتي سرمايو آهن، وزيراعظم به چاهي ٿو ته مدرسن جي شاگردن جو روشن مستقبل هجي.

وزيراعظم جي خاص صلاحڪار چيو ته مدرسن جي سمورن شاگردن کي نئين پاڪستان جي يوٿ پروگرام ۾ شامل ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته وفاقي حڪومت شاگردن کي ديني معلومات سان گڏ ٻيون سهولتون به ڏئي رهي آهي.

عثمان ڊار چيو ته تعليم، صحت، روزگار ۽ فني تربيت سميت بنا وياج جي قرض فراهم ڪنداسين.

نورالحق قادري چيو ته يوٿ پراگرام ۾ مدرسن جي شاگردن جي شموليت انقلابي قدم آهي.

مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چيو ته مدرن جي شاگردن جي ترقي وزيراعظم جي تمام گهڻي پراڻي خواهش آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*