فريدآباد ۽ ڪلوئي ويجهو ٻن مختلف روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

فريدآباد ۽ ڪلوئي ويجهو ٻن مختلف روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

فريدآباد ڀرسان درگاھ شاھ گودڙيو جي زيارت ڪري واپس موٽندڙن جي ٽريڪٽر ٽرالي ٽائراڊ ٽٽڻ سبب هيٺ سارين جي فصل ۾ لهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ صفر زخمي ٿي پيو، جنهن کي ميهڙ تعلقي اسپتال نيو ويو.

ڪلوئي ڀرسان نئون ڪوٽ روڊ تي ستون ميل وٽ مزدا ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا،جن کي اسپتال نيو ويو.

حادثي ۾ هيرو ۽ ڏيمان ڪولهي زخمي ٿي پيا، جن مان ڏيمان ڪولهي کي مقامي اسپتال مان طبي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو، هيرو ڪولهي کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*