آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته سي ٽي ڊي چيني قونصل خاني تي حملي جي جاچ ڪري رهي آهي

آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته سي ٽي ڊي چيني قونصل خاني تي حملي جي جاچ ڪري رهي آهي، ان حوالي سان ڪيتريون ئي گرفتاريون ڪيون ويون آهن، مون مٿان ڪوبه  سياسي دٻاءُ ناهي، پوليس ۾ سڌارن وارو عمل جاري رکيو ويندو.

 ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ ڪليم امام جو چوڻ هو ته چيني قونصل خاني تي حملي کان پوءِ ڪراچي پوليس کي  ڪاررواين دوران ڪيتريون ئي ڪاميابيون مليون آهن.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾  ڊسمبر مهيني ۾ مختلف ايونٽس دوران سڪيورٽي خدشا آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس تياري ڪري ورتي آهي.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته  ماضي ۾ ڪراچي پوليس دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ۽ هاڻي به تيار آهيون.

هن چيو ته مون مٿان ڪوبه سياسي دٻاءُ ناهي، پوليس ۾ سڌارن وارو عمل جاري رکيو ويندو.

آءِ جي سنڌ چيو  ته سي ٽي ڊي چيني قونصل خاني تي حملي جي جاچ ڪري رهي آهي، ان حوالي سان ڪيتريون ئي گرفتاريون ڪيون ويون آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*