اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته نيب جو قانون ئي غلط آهي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته نيب جو قانون ئي غلط آهي، هُن ڪيتريون پيشيون ڀوڳيون، هاڻي عمران خان جو سرڪاري هيلڪاپٽر استعمال ڪرڻ ۽ سندس ڪٽنب جي آمدني ذريعن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾  احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته اسان جي دور ۾  ڊالر مهانگو نه ٿيو هو ۽ نه ڪڏهن پڇڻ بنا ڏهه پيسا به ڊالر هيٺ مٿي ٿيو.

نواز شريف وزيراعظم جي منظوري کانسواءِ ڊالر مهانگو ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي.

نوازشريف چيو ته جيڪڏهن اِهي چون ٿا ته اسان ڊالر جو مُلهه مصنوعي طريقي سان برقرار رکيو ته ٻڌايو وڃي اهو مصنوعي طريقو ڪهڙو آهي.

هن چيو ته سندس چئن سالن جي دور ۾ ايترو ڊالر نه وڌيو، جيترو اضافو هن حڪومت ۾ ڪجهه مهينن اندر ٿيو آهي.

نواز شريف چيو ته سندس حڪومتي دور ۾ دهشتگردي ختم ٿي وئي هئي ۽  ڪراچي شهر ۾ امن قائم ٿي چڪو هو، لوڊشيڊنگ به گهڻي حد تائين گهٽجي وئي هئي.

نوازشريف چيو ته 2013 کان 2017ع تائين سڄي دنيا ۾ اسان جي معيشيت کي مضبوط چيو ويندو هو.

نوازشريف چيو ته سڀني کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ ڪهڙي ريت چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي، ان بابت فافن رپورٽ به ڏسي سگهجي ٿي.

نوازشريف چيو ته ملڪي معيشيت يوٽرن سان نه پر سچ ڳالهائڻ ۽ ڪم ڪرڻ سان مستحڪم ٿيندي آهي.

نواز ليگ قائد چيو ته وٽس آمدني جو رڪارڊ 1937 کان موجود آهي، سياست ۾ اچڻ کان اڳ هُو خوشحال پر سياست ۾ پير رکڻ سان سندن پريشانين ۾ اضافو ٿيو.

نوازشريف چيو ته شهباز شريف خلاف جاچ شروع ڪئي  وئي پر ڪجهه  به نه نڪتو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*