پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آلرائونڊر محمد حفيظ جوچوڻ آهي ته ٽيسٽ ڪيريئر جي آخري ميچ کي هو يادگار نه بڻائي سگهيو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آلرائونڊر محمد حفيظ جوچوڻ آهي ته ٽيسٽ ڪيريئر جي آخري ميچ کي هو يادگار نه بڻائي سگهيو.

قومي ٽيم جي نالي واري آلرائونڊر محمد حفيظ چيو ته ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ۾ ميچ ۾ سندس ڪارڪردگي بهتر نه رهي ۽ ٽيم کي شڪست ملي، جنهن سبب کيس مايوسي ٿي.

هن چيوته ٽيسٽ ڪرڪيٽ دوران هن هميشه ڀرپور ڪوشش ڪئي ته پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪري.

محمد حفيظ وڌيڪ چيوته ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرٿيڻ بعد هاڻي سندس نظرون ون ڊي ۽ ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ بهتر پرفارمنس جومظاهرو ڪرڻ تي کتل آهن.

واضح رهي ته محمد حفيظ قومي ٽيم پاران 55ٽيسٽ ميچز ۾ 10سنچرين ۽12ففٽين جي مدد سان 3هزار 652رنز اسڪور ڪيون، جڏهن ته بالنگ ۾ حفيظ 53وڪيٽون حاصل ڪرڻ سان گڏ 45ڪيچز پڻ ورتيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*