پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته هاڻي گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي ۽ نتيجن جي حوالي سان سنجيدگي سان سوچڻوپوندو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته هاڻي گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي ۽ نتيجن جي حوالي سان سنجيدگي سان سوچڻوپوندو.

ابوظهبي ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٽين ٽيسٽ ۾ 123رنز تان شڪست بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪپتان سرفراز احمد ٽيم جي ڪارڪردگي کي مايوس ڪندڙ قرار ڏنو.

هن چيو ته شڪست ڪنهن کي به سٺي نه لڳندي آهي۽ ڪپتان جي حيصيت سان هو خوش نه آهي.

سرفراز احمد وڌيڪ چيوته سٺو کيڏڻ  بعد ۾ميچ ۾ شڪست بعد وضاحت ڏيڻ مشڪل ٿي ويندو آهي.

سرفراز احمد وڌيڪ چيوته پهرين اننگ ۾ وڌيڪ برتري حاصل ڪرڻ گهرجي ها، پر شروع واريون چار وڪيٽون صرف 12رنز تي ڪري پيون.

قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد وڌيڪ چيو ته هوم سيريز ۾ شڪست افسوسناڪ آهي.

سندس چوڻ هو ته ابوظهبي جي ٻنهي ٽيسٽ ميچز ۾ ڪاميابي ويجهو اچڻ بعد شڪست ملڻ تي کيس گهڻي مايوسي ٿي.

هن چيوته هو هن وقت ٽيسٽ ٽيم جي قيادت کان ڌار ٿيڻ بابت نٿو سوچي پر جيڪڏهن ٽيم جي ڪارڪردگي ايئن رهي ته پوءِ سوچڻو پوندو ۽ ڏکڻ آفريڪي دورو ان حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*