هلندڙ مهيني ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلاف رٿيل ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي 16رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي

هلندڙ مهيني ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلاف رٿيل ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي 16رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ۽ڏکڻ آفريڪي ٽِيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ 26 ڊسمبر تي کيڏي ويندي، ٻين ٽيسٽ 3جنوري، جڏهن ته سيريز جي ٽين ۽آخري ٽيسٽ ميچ 11جنوري تي رٿيل آهي.

 ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلاف رٿيل سيريز لاءِ فاسٽ بالر محمد عامر، شان مسعود، شاداب خان ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.

گرين شرٽس ۾ سعد علي، بلال آصف ۽ مير حمزه جاءِ نه ٺاهي سگهيا، جڏهن ته نيوزيلينڊ خلاف اسڪواڊ ۾ شامل محمد حفيظ رٽائر ٿي چڪو آهي.

16رڪني اسڪواڊ ۾ سرفراز احمد ڪپتان، اظهر علي، اسد شفيق، بابراعظم، ياسرشاهه، محمد عامر، محمد عباس، حارث سهيل، فخرزمان، امام الحق، شاداب خان، فهيم اشرف، حسن علي، شاهين شاهه آفريدي، محمد رضوان ۽شان مسعود شامل آهن.

سرفراز اليون ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلاف رٿيل ٽِيسٽ سيريز کان پهرين ٽي روزه ميچ 19ڊسمبر تي کيڏندي،

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*