پاڪستان جي ٽيم پهرين اننگ ۾ اظهرعلي ۽ اسد شفيق جي سنچرين سبب 348رنز اسڪورڪيون، جنهن ۾ اظهر علي 134۽اسد شفيق 104رنز جي اننگ کيڏي نمايا رهيا

ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ ۾ نيوزيلينڊجي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد قومي ٽيم کي 123رنز تان شڪست ڏئي سيريز هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

ابوظهبي ۾ کيڏي ويل سيريز جي آخري ميچ جي پهرين اننگ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 274رنز تي ڍير ٿي وئي.

نيوزيلينڊ جي پهرين اننگ ۾ ڪپتان ڪين وليمسن 89، واٽلنگ 77۽جيت راول 45رنز جي اننگ کيڏي.

پاڪستان پاران بلال آصف 5، ياسرشاهه 3، جڏهن ته حسن علي ۽ شاهين شاهه آفريدي هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان جي ٽيم پهرين اننگ ۾ اظهرعلي ۽ اسد شفيق جي سنچرين سبب 348رنز اسڪورڪيون، جنهن ۾ اظهر علي 134۽اسد شفيق 104رنز جي اننگ کيڏي نمايا رهيا.

پاڪستان ڪيوي ٽيم خلاف پهرين اننگ ۾ 74رنز جي برتري حاصل ڪري ورتي.

نيوزيلينڊ پاران سومرويلي 4، اعجاز پٽيل ۽ٽرينٽ بولٽ ٻه-ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

ڪيوي ٽيم ٻي اننگ ڪپتان ڪين وليمسن ۽ نڪولس جي شاندار سنچرين سبب ست وڪيٽن جي نقصان تي 353رنز اسڪور ڪري اننگ ڊڪليئر ڪري پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 280رنز جو ٽارگيٽ ڏنو.

پاڪستان جي ٽيم پاران ياسرشاهه 4،شاهين شاهه آفريدي ٻه ۽حسن علي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان جي بيٽنگ لائن مڪمل طور تي ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم صرف 156رنز تي ڍير ٿي وئي، جنهن ۾بابراعظم51رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر هيو، ۽ اهڙي طرح ٽيم کي 123رنز تان شڪست ملي ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيم سيريز هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

ڪيوي ٽيم جي ٽم سائوٿي، سومرويلي ۽اعجاز پٽيل 3-3 وڪيٽون حاصل ڪري ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڪين وليمسن کي بهترين بيٽنگ جومظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ ،جڏهن ته ياسر شاهه کي مين آف دي سيريز جو ايوارڊ ڏنو ويو،جڏهن ته ياسرشاهه هن ٽيسٽ ميچ ۾ گهٽ ٽيسٽ ميچز ۾ تيز ترين 200وڪيٽون حاصل ڪرڻ آسٽريلياجي گرمٽ جو 82سالن جو رڪارڊ ٽوڙي 33هين ٽِيسٽ ۾ 2سو وڪيٽون حاصل ڪري نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*