قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد ، اسد شفيق ۽ مير حمزه دبئي کان ڪراچي پهچي ويا آهن

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد ، اسد شفيق ۽ مير حمزه دبئي کان ڪراچي پهچي ويا آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ۽رانديگر غيرملڪي جهاز ذريعي ڪراچي پهتا.

قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته مجموعي طور تي دورو ڪامياب رهيو، پر موقعا ملڻ باوجود ميچ ۾ فتح حاصل نه ڪري سگهياسين.

هن چيو ته نيوزيلينڊ جي ٽيم ميچ ۾ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو، سيريز ۾ گهڻُو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو آهي.

واضح رهي ته گذيل ڏينهن غير زميواراڻا بيٽنگ سبب پاڪستان نه صرف نيوزيلينڊ کان ابوظهبي ٽيسٽ هارائي ،پر سيريز پنهنجي هٿن مان وڃائي ڇڏي.

فيصلي واري ٽيسٽ ۾ميچ ۾ قومي ٽيم 280رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 156رنز تي ڍير ٿي وئي.

اهو پهريون موقعو آهي جو پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان49سالن بعد هوم سيريز ۾ شڪست ملي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*