سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه  اسلام ڪورٽ جي اسپتال لاءِ 250 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه  اسلام ڪورٽ جي اسپتال لاءِ 250 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وڏي وزير چيو آهي ته ٿرڪول پروجيڪٽ 2 کي پاڻي فراهم ڪرڻ وارو منصوبي لاءِ 13 بلين جاري ٿي چڪا آهن ته پوءِ دير ڇو ٿي رهي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ  ٿر جي صورتحال بابت اهم اجلاس  ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ، چيئرمين پي اَينڊ ڊِي محمد وسيم، سيڪريٽري آبپاشي جمال شاهه، اسپيشل سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾  اسلام ڪوٽ جِي سرڪاري اسپتال لاءِ گرانٽ جي منظوري،  ٿر ڪول پراجيڪٽ جِي رائلٽي ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال جي لاءِ 250 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي.

عملدارن بريفنگ ڏيندي چيو ته ٿر ڪول پروجيڪٽ جي بلاڪ ٽو کي پاڻي پهچائڻ وارو منصوبو 6 ڏهائي 15 بلين جو آهي، 12 ڪلوميٽر پاڻي جي لائين لڳائِي پئي وڃي، جنهن جو ڪافي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٿرڪول بلاڪ ٽو منصوبي لاءِ 13 بلين جاري ٿي چڪا آهن ته پوءِ دير ڇو ٿي رهي آهي؟.

وڏي وزير چيو ته ٿرڪول پراجيڪٽ ٽو کي پائپ لائين ذريعي پاڻي پهچائڻ وارو منصوبو 6 مهينن ۾ مڪمل  ڪيو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*