ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ جي متاثر واپارين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ جي متاثر واپارين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سمورا دڪان الاٽ ٿيل ۽ سرڪاري ڀاڙَي تي ڏنل هئا، حد دخلين جي آڙ ۾ 280 دڪان ڊاهي پَٽ ڪيا ويا، سمورا دڪان ٻيهر تعمير ڪرائي ڏنا وڃن.

واپارين درخواست ۾ ميئر ڪراچي، ايس بِي سي اَي ۽ آءِ جِي سنڌ کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته آپريشن جي آڙ ۾ ڪاروبار تباهه ڪري شهرين کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ميئر ڪراچي ۽ ٻين پاران جاري آپريشن کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي.

درخواست ۾ اها به استدعا ڪئي وئي ته ميئر ڪراچي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ايمپريس مارڪيٽ کي ٻيهر تعمير ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي صدر سميت ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ گرينڊ آپريشن ڪري ڪيترائي ڪاروباري مرڪز ٺاهي پٽ ڪيا ويا، حد دخلين خلاف گرينڊ پريشن ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا به جاري آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*