اليڪشن ٽربيونل لاهور وزيراعظم عمران خان خلاف چونڊ عذرداري رد ڪري ڇڏي

اليڪشن ٽربيونل لاهور وزيراعظم عمران خان خلاف چونڊ عذرداري رد ڪري ڇڏي، اليڪشن ٽربيونل چيو آهي ته عمران خان مٿان عذرداري قانون موجب نه آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل اليڪشن عذرداري جو 29 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار اليڪشن عذرداري ۾ ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ۽ عذرداري ۾ غلط حلف نامو شامل ڪيو ويو.

فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته درخواستگذار اليڪشن عذرداري جي جي ڪا پي به اميدوارن کي نه ڏني.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*