ٺٽي ۾ پوليس پاران ٽريفڪ قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ موٽرسائيڪل گهٽ اسپيڊ ۾ هلائڻ لاءِ آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آهي

ٺٽي ۾ پوليس پاران ٽريفڪ قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ موٽرسائيڪل گهٽ اسپيڊ ۾ هلائڻ لاءِ آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شهرين ۾ پمفليٽس ورهايا.

پمفليٽس ۾ موٽرسائيڪلون گهٽ اسپيڊ ۾ هلائڻ، هيلمٽ استعمال ڪرڻ ۽ ٻارڙن کي موٽرسائيڪل هلائڻ کان روڪڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

ايس ايس پي شبير سيٺار چيو ته حادثن کي روڪڻ لاءِ شهرين کي آگاهه ڪري رهيا آهيون، شهري موٽرسائيڪلون گهٽ اسپيڊ ۾ هلائَي هيلمٽ جو استعمال ڪن.

هن چيو ته حادثن ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي وڃن ٿيون، ننڍا ٻار موٽرسائيڪلون هلائين ٿا، انهن کي ٽريفڪ قانون جي ڪا به خبر ناهي، تنهن ڪري حادثا پيش اچن ٿا.

 ايس ايس پي شبير سيٺار چيو ته ٽريفڪ قانون تي آگاهي مهم بعد عمل نه ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪري چالان ڪرڻ سان گڏ موٽرسائيڪل به ضبط ڪئي ويندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*