قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو آهي ته ٽيم ۾ ڪو به ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه آهي

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو آهي ته ٽيم ۾ ڪو به ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، اها ئي ڪارڪردگي رهي ته تبديليون ڪرڻيون پونديون.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو ته نيوزيلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز جون ٽئي ميچز پاڪستاني ٽيم جي هٿ ۾ هيون ۽ پاڪستان سيريز کٽي پئي سگهيو.

هن چيو ته قومي ٽيم کي چوٿين اننگز جي دٻاءُ کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻي پوندي ۽ انعام الحق کي ساڻس جوڙڻ صحيح عمل ناهي.

هن چيو ته قومي ٽيم ۾ ڪو به ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته تبديليون ڪرڻيون پونديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*