ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم جي مرضي آهي ته اهو ٽن سالن ۾ چونڊون ڪرائي يا ڇهن مهينن ۾

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم جي مرضي آهي ته اهو ٽن سالن ۾ چونڊون ڪرائي يا ڇهن مهينن ۾، شهباز شريف ڊيل لاءِ 90 جي ڊگري تي وڃڻ لاءِ تيار آهي، پر سڀ ٻُڌي وٺن ته جلد ٻُهارو ڦرڻ وارو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم کي اختيار آهي ته هُو ملڪ اندر ڪڏهن به چونڊون ڪرائي.

هن چيو ته ذلفي بخاري وارو معاملو عدالت ۾ هلندڙ آهي ۽ اعظم سواتي هڪ ننڍڙي مسئلي تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

هن چيو ته اجمل قصاب وارو پتو نواز شريف جو هو، شهباز شريف ڊيل لاءِ 90 جي ڊگري تي به وڃڻ لاءِ تيار آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سڀني کي غور سان ٻڌڻ گهرجي ته ملڪ اندر جلد ٻُهارو ڦِڙڻ وارو آهي.

ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته 31 ڊسمبر تائين ريلوي ٽڪيٽس ختم ٿي وينديون، هلندڙ مهيني جي آخر تائين ايل ايم ون بابت فيصلو ٿي ويندو.

ريلوي واري وزير هلندڙ مهيني ٻه ريل گاڏيون هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سمورا ريلوي ٽريڪ تبديل ڪيا ويندا.

شيخ رشيد چيو ته لاهور ۽ راولپنڊي جي وچ ۾ ٽرين هلائڻ وارو منصوبو به سندن غور هيٺ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*