ميھڙ  ۾ 12 ڏينهن اڳ نوجوان مظهر مگسي کي گرفتار ڪري  گم ڪرڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

ميھڙ  ۾ 12 ڏينهن اڳ نوجوان مظهر مگسي کي گرفتار ڪري  گم ڪرڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڳوٺ سوڀو  مگسي سوين ماڻهن نظر حسين مگسي، صفدر حسين  ۽ ڊاڪٽر اظھر مگسي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ کان ايوان  صحافت  تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته نوجوان  مظهر مگسي جو ڪنهن به سياسي يا مذهبي پارٽي سان واسطو ناهي، کيس بيگناهه گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي.

ھنن  چيف جسٽس، وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نوجوان مظهر  مگسي جي گم ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي کيس آزاد ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*