ڪراچي ۾ بحريا ٽائون هائوسنگ سوسائٽي جي ملازمن ۽ بڪنگ ڪرائندڙ شهرين جو گذريل 6 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو  پوليس ۽ رينجرز عملدارن جي خاطري بعد ختم ڪيو ويو

ڪراچي ۾ بحريا ٽائون هائوسنگ سوسائٽي جي ملازمن ۽ بڪنگ ڪرائندڙ شهرين جو گذريل 6 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو  پوليس ۽ رينجرز عملدارن جي خاطري بعد ختم ڪيو ويو، ملازمن جو چوڻ آهي ته بينڪ اڪائونٽس سيل ٿيڻ ڪري سندن پگهارون بند آهن، جڏهن ته بڪنگ ڪرائيندڙن جو چوڻ آهي ته اسڪيم غير قانوني هئي ته پوءِ کين پلاٽ ڇو الاٽ ڪيا ويا؟

بحريه ٽائون جي ملازمن، اسٽيٽ ايجنٽن، ٺيڪيدارن  ۽ گهرن جي بڪنگ ڪرائيندڙ شهرين سپر هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جتي ڪراچي ۽ حيدرآباد ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

ايس پي گڏاپ ۽ رينجرز عملدارن مظاهرين وٽ پهچي سندن مطالبن تي نظرثاني ڪرائڻ جي خاطري ڪرائِي، جنهن بعد گذريل 6 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

ملازمن جو چوڻ هو ته  بحريه ٽائون جا اڪائونٽس بند ٿيڻ ڪري سوين ملازمن جون پگهارون بند آهن، جنهن ڪري سندن ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن.

مظاهرين چيو هو ته غير قانوني هئي ته پوءِ کين پلاٽ ڇو الاٽ ڪيا ويا، بڪنگ ڪرائيندڙن کي لکين رپين جو نقصان ٿي سگهي ٿو.

هنن مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ معاملي جو نوٽيس وٺِي، ملازمن کي رهيل پگهارون ۽ بڪنگ ڪرائيندڙن کي رقم واپس ڏياري وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*