چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته طبي سهولتن جي خراب صورتحال رياست جي ناڪامي آهي

چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته طبي سهولتن جي خراب صورتحال رياست جي ناڪامي آهي، ملڪ اندر ٻارڙن جَي جِگر جي ٽرانسپلانٽ جون سهولتون نه هجڻ وڏي بدقسمتي آهي، پنجاب ۽ ڪي پي جي سرڪاري اسپتالن ۾ هڪ-هڪ بيڊ تي ٽي-ٽي مريض داخل آهن.

رالپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن لاءِ ڪي به سهولتون نه آهن.

چيف جسٽس چيو ته صحت جي سهولتن لاءِ فنڊز فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ججز به اسپتالن جي بهتري لاءِ سهڪار ڪندا رهيا آهن.

هن چيو ته طبي سهولتن جي خراب صورتحال رياست جي ناڪامي آهي، حڪومت جِي ذميواري آهي ته اها صحت واري شعبي ۾ بهتري آڻي.

چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته صحت کاتي مان سفارشي ڪلچر ختم ڪري سمورو ڪم ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي.

چيف جسٽس چيو ته هُن پنجاب ۽ ڪي پي اسپتالن جا دورا ڪيا، جتي هڪ هڪ بيڊ تي ٽي-ٽي مريض داخل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*