ملتان ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن ايم ڊي اي جي سيڪيورٽي گارڊ کي قتل ڪري ڇڏيو.

ملتان ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن ايم ڊي اي جي سيڪيورٽي گارڊ کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب، مقتول 6 ٻارڙن جو پيءُ هو، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سي سي ٽي فوٽيج حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

ايم ڊي اي چوڪ وٽ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب، ڦورن ايم ڊي اي آفيس ويجهو اي ٽي ايم مشين مان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت تي جوابدارن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب، مقتول سيڪيورٽي گارڊ خليل ممتاز آباد ڪالوني جو رهواسي ۽ ڇهن ٻارڙن جو پيءُ هو.

پوليس موجب، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سي سي ٽي وي فوٽيجز حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، تمام جلد کين گرفتار ڪيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*