لاڙڪاڻي کان ايندڙ بجلي جي مين لائن ۾ خرابي سبب  ڏوڪري گرڊ اسٽيشن جي 7 فيڊرن جي بجلي بند ٿي وئي

لاڙڪاڻي کان ايندڙ بجلي جي مين لائن ۾ خرابي سبب  ڏوڪري گرڊ اسٽيشن جي 7 فيڊرن جي بجلي بند ٿي وئي، ڪيترائي علائقا بجلي کان محروم ٿي وڃڻ ڪري رهواسي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

موهن جو دڙو ڀرسان 66 هزار ڪي وي جي ٽرانسميشن لائن ۾ اوچتو فني خرابي پيدا ٿي پئي، جنهن سبب ڏوڪري گرڊ کان نڪرندڙ 7 فيڊرن جي بجلي گذريل رات هڪ وڳي معطل ٿي وئي.

بجلي معطل ٿيڻ سبب ڏوڪري، موهن جو دڙو، باقراڻي، ڳيريلو، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، ايئرپورٽ،  بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۽ نئين گڏ فيڊرز جا علائقا بجلي کان محروم ٿي ويا.

بجلي 11 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين بند ٿيڻ ڪري ڪمرشل توڙي گهريلو واهپيدارن کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*