اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو آهي ته نوازشريف جو ٽرائل ٿي رهيو آهي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو آهي ته نوازشريف جو ٽرائل ٿي رهيو آهي، حسن ۽ حسين جو نه،  حسن، حسين، مريم نواز ۽  طارق شفيع پاران پيش ڪيل دستاويز ثبوتن طور استعمال نه ٿا ڪري سگهجن  ۽ نه ئي تصديق ٿيل ڪاپيون عدالت ۾ پيش ڪرڻ سان ڪو ڏوهه ثابت ٿئي ٿو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، اڳوڻو وزير اعظم نوازشريف عدالت ۾ پيش ٿيو.

نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي طارق شفيع، حسن ۽ حسين نواز جي بيانن تي ڀاڙَي رهي آهي.

خواجا حارث چيو ته واجد ضياءَ پاران پيش ڪيل دستاويز قبول ڪرڻ جوڳيون شاهدتون نه آهن، جي آءِ ٽي آڏو ڏنل بيان هتي استعمال نه ٿا ٿي سگهن.

نوازشريف جي وڪيل چيو ته حسن ۽ حسين نواز عدالت ۾ اُن ڪري پيش نه ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ٽرائل نوازشريف جو ٿي رهيو  آهي، حسن ۽ حسين نواز جو نه.

نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث چيو ته تصديق ٿيل ڪاپيون عدالت ۾ پيش ڪرڻ سان ڏوهه ثابت نه ٿو ڪري.

ٻڌڻي دوران جج ارشد ملڪ چيو ته حسن، حسين، مريم ۽ طارق شفع طرفان پيش ڪيل دستاويز ڌار ڪري ڇڏينداسين ته پوءِ رڳو العزيزيه ريفرنس رهجِي ويندو، اوهان العزيزيه اسٽيل ملز جي حوالي سان قانوني نقطن تي دليل ڏيو.

وڪيل خواجا حارث چيو ته قطري شهزادي جو هڪ خط جَي آءِ ٽي جيي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد مليو هو، واجد ضياءَ به اهو خط عدالت ۾ پيش ڪيو  آهي.

جج ارشد ملڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جَي آءِ ٽي ۾ هڪ بيان به ڏنو ته اهو لاڳاپيل ڪيس جو حصو بڻجي ويندو، جنهن تي خواجا حارث چيو ته اهو بيان ان ڪري هِن ڪيس سان لاڳاپيل نه رهندو، ڇو ته اهو بيان رڳو سپريم ڪورٽ لاءِ هو، هن عدالت لاءِ نه هو.

وڪيل خواجا حارث چيو ته منهنجو هي ڪيس آهي ته اوهان جَي آءِ ٽي جِي رپورٽ جي بنياد تي  پنهنجو فيصلو نه ٿا ٻڌائي سگهو. جيڪي شاهد جَي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيا، اهي عدالت نه آيا آهن.

خواجا حارث چيو ته واجد ضياءَ اهو بيان نه پيو ڏئي سگهي ته طارق شفيع ۽ شهباز شريف صحيحون سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو هو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*