نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو  آهي ته نااهل حڪومت اسان جا منصوبا چوري ڪري رهي آهي

نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو  آهي ته نااهل حڪومت اسان جا منصوبا چوري ڪري رهي آهي، حڪمرانن کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت آهي، پهرين چيو ويو ته ڊالر مهانگو ٿيڻ جي خبر ٽي وي تان پَئِي، بعد ۾ ناڻي واري وزير چيو ته سڀ کان پهرين هُن وزيراعظم کي ٻڌايو هو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو  ته حڪمرانن کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت آهي.

هن چيو ته، پهرين چيو ويو ته ڊالر جي اگهه جي خبر ٽي وي تان پئي، بعد ۾ ناڻي واري وزير چيو ته سڀ کان پهرين مون وزيراعظم کي ٻڌايو هو.

نواز ليگ جي ترجمان چيو ته انهن ڪوڙن بابت مان هڪ شعر چوندس ته ڪُوڙن،  ڪوڙن کي چيو ته سچ ڳالهايو، سرڪاري اعلان ٿيو ته سچ ڳالهايو.

هن شعر پڙهندي چيو ته، گهر اندر ڪوڙن جي هڪ مارڪيٽ آهي، در تي لکيل آهي ته سچ ڳالهايو.

مريم اورنگزيب چيو ته، هي جيڪا ڪارڪردگي آهي ۽ اها ئي حڪومت جِي اصل حقيقت آهي…….

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*