پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪميٽي کي ڪشمير اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪميٽي کي ڪشمير اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ظلم جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، ڀارت ڪشمير ۾ سدائين انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

اسلام آباد ۾ ڪشمير بابت تقريب کي خطاب ڪندي شيرين مزاري چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ظلم جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته، ڀارت ڪشمير ۾ سدائين انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، گڏيل قومون ڪشمير بابت ٺهرائن تي فوري طور عمل ڪرائن.

انساني حقن بابت وفاقي وزير  چيو ته، والاريل ڪشمير ۾ ٻارڙن، پوڙهن ۽ عورتن تي پليٽ گن جو استعمال ڪيو پيو وڃي، ڀارتي فوج “جنسي زيادتي” کي ڀارت ۾ جنگي هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي،.

انساني حقن بابت وفاقي وزير چيو ته والاريل ڪشمير جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتن سان اجتماعي لڄالٽ ڪئي وئي آهي، اهڙا ڪيترائي ڪيسز ثبوتن سان گڏ رپورٽ به ٿي چڪا آهن.

شيرين مزاري چيو ته اسان ڪشمير جي صورتحال بابت گڏيل قومن جِي انساني حقن واري ڪميٽي کي ڪشمير اچڻ جي دعوت ڏيون ٿا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*