لاڙڪاڻي ۾  سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج جاري رکندي علامتي بک هڙتال ڪئي

لاڙڪاڻي ۾  سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج جاري رکندي علامتي بک هڙتال ڪئي.

اميدوارن علي ڏنو گاد، محمود علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهري بعد علامتي بک هڙتال ڪئي.

اميدوارن چيو ته تعليم کاتي پاران سال 2009ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ذريعي پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ لکت ٽيسٽ ورتي هئي، جنهن ۾ 60 سيڪڙوکان وڌيڪ مارڪون کڻي ٽيسٽ پاس ڪئي، پر من پسند اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي سندن نالا ويٽنگ لسٽ ۾ ڏنا ويا.

 هنن وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين کي اپيل ڪئي آهي ته تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچرز جي نوڪرين لاءِ کين آفر آرڊر جاري سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*