ڪراچي ۾ بحريا ٽائون جي ملازمن، اسٽيٽ ايجنٽس ۽ رهواسين جو پريس ڪلب آڏو احتجاج جاري آهي

ڪراچي ۾ بحريا ٽائون جي ملازمن، اسٽيٽ ايجنٽس ۽ رهواسين جو پريس ڪلب آڏو احتجاج جاري آهي، پوليس ڊفينس واري علائقي ۾ احتجاج ڪندڙ بحريا ٽائون جي 10 ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته مظاهرين اسٽار گيٽ وٽ ڌرڻو هڻڻ لاءِ وڃي رهيا هئا.

بحرياٽائون هائوسنگ اسڪيم جي رهواسين، اسٽيٽ ايجنٽس ۽ ٺيڪيدارن جو اڪائونٽس سيل ڪرڻ ۽ رهتون نه ملڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري رهيا آهن.

 ان کان اڳ ڊفينس واري علائقي ۾ احتجاج ڪندڙ مظاهرين تي پوليس لٺبازي ڪندي 10 هن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مظاهرين اسٽار گيٽ آڏو احتجاج ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته کين روڪيو ويو  آهي ۽ 10 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*