ناليوارو شاعر انور قمبراڻي دل جي تڪليف سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ناليوارو شاعر انور قمبراڻي دل جي تڪليف سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن سبب ادبي حلقن ۾ سوڳ واري لهر ڇائجي وئي آهي.

انور قمبراڻي کي دل جي تڪليف سبب ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، جتي هُن اڄ دم ڏئي ڇڏيو.

انور قمبراڻي جو مڙهه ڪاڇي جي ڳوٺ ڦلو قمبراڻي نيو پيو وڃي، انور قمبراڻي سوين مشهور گيتن جو خالق هو.

مشهور فنڪارن سرمد سنڌي، منظور سخيراڻي، جلال چانڊيو، شمن ميرالي، صنم ماروي، ديبا سحر، شهنيلا علي ۽ ٻين انور قمبراڻي جِي شاعري کي ڳايو.

انور قمبراڻي جا ڪيترائي گيت مشهور ٿيا، جن ۾ سرمد سنڌي جو ڳايل ڀلوڙ گيت “ جڏهن هِن دنيا مان گذارَي وينداسين”  به شامل آهي.

جلال چانڊيو پاران ڳايل مشهور ڪلام ڪو نه بَچسان جو خالق به انور قمبراڻي آهي.

انور قمبراڻي جي لاڏاڻي سبب سنڌي شوبز جي دنيا توڙي مداحن ۾ سوڳ پکڙجي ويو آهي.

انور قمبراڻي پنهنجو مشهور گيت “ جڏهن هِن دنيا مان گذاري وينداسين” پاڻ به جُهونگاريو هو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*