پاسما ڪمند جو سرڪاري اگهه 182 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

پاسما ڪمند جو سرڪاري اگهه 182 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حڪومت اگهه مقرر ڪرڻ کان اڳ پاسما کي اعتماد ۾ نه ورتو آهي، آبادگارن ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف 14 ڊسمبر تي قاضي احمد ۽ 17 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ هر حال ۾ ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سنڌ هاٰءِ ڪورٽ ۾ درخواست جي ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر درخواستگذار جي وڪيل کي چيو ته اوهان آبادگارن کي پوئين سال جون رهتون ادا ناهن ڪيون، ڪمند جا اگهه رد ڪرڻ جي اپيل ڇو ڪري رهيا آهيو؟.

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته سنڌ ۽ پنجاب  ۾ ڪمند جا هڪ جهڙا اگهه مقرر ڪيا ويا آهن ته پوءِ شگر ملز مالڪن سان ڪهڙو مسئلو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ سرڪار شگر ملز مالڪن جو موقف ٻڌڻ کانسواءِ ڪمند جو اگهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ڪمند جي اگهه بابت سنڌ سرڪار جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، عدالت زراعت واري سيڪريٽري کي 18 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائندي پاسما جي چيئرمين عاصم غني جو چوڻ هو ته حڪومت شگر ملرز کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ۽ نه ئي وري ڪنهن سبسڊي جو اعلان ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن آبادگارن کي اعتراض آهي ته حڪومت ڀل آبادگارن کي سبسڊي ڏئي ان ملز مالڪن کي ڪو اعتراض نه هوندو.

عاصم غني جو چوڻ هو ته کنڊ جو مناسب اگهه نه ملڻ ڪري شگر ملرز کي نقصان ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري هو ملون بند ڪرڻ تي مجبور آهن.

ايوان زراعت جي صدر قبول محمد کٽياڻ جو چوڻ هو ته ملز مالڪ نقصان جو جواز ڄاڻائي آبادگارن کي مقرر ڪيل اگهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.

هن چيو ته حڪومت ڪمند جو اگهه مقرر ڪيو آهي ته پر ملز مالڪن کي ڪمند جي پيڙائي شروع ڪرڻ ۽ اگهه تي عمل ڪرڻ جو پابند ناهي ڪيو، جنهن ڪري آبادگار طبقو شديد پريشان آهي.

آبادگار اڳواڻ محمد نواز شاهه جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ته شگر ملرز کي کنڊ جي اگهه تي اعتراض آهي ته اهو سيزن تحت حل  ٿيڻ گهرجي ها.

هن چيو ته کنڊ جو مناسب اگهه ۽ سبسڊي ڏيارڻ لاءِ اسان پاسما وارن جي حمايت ڪنداسين پر هن وقت آبادگارن کي 182 رپيا اگهه ڏئي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

هوڏانهن آبادگارن پاران ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف 14 ڊسمبر تي قاضي احمد ۽ 17 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ هر حال ۾ ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*