سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ صاف پاڻي منصوبي لاءِ قائم ڪيل واٽر ڪميشن جي مُدي ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي

 سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ صاف پاڻي منصوبي لاءِ قائم ڪيل واٽر ڪميشن جي مُدي ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي، عدالت منصوبي جي سربراهه جسٽس ريٽائرڊ امير هاني مسلم کي 15 جنوري تائين ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سپريم ڪورٽ واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم پاران عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ ۾ ڪيترائي منصوبا اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيا آهن، ان لاءِ ڪميشن جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ واٽر ڪميشن جي مُدي ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪندي منصوبي جي سربراهه جسٽس ريٽائرڊ امير هاني مسلم کي 15 جنوري تائين ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو. .*

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*