وارهه ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پرائيوٽ اسڪول ۾ داخل ٿي پرنسپال  کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

وارهه ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پرائيوٽ اسڪول ۾ داخل ٿي پرنسپال  کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد سوڳ ۾ شهر بند ٿي ويو.

هندو پاڙي ۾ موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربندن پرائيوٽ اسڪول ۾ داخل ٿي  فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پرنسپال ارشد ناز آرائين سخت زخمي ٿي پيو، فائر نگ سبب اسڪولي ٻارڙا خوف ۾ وٺجي ويا ۽ لاڳيتو روئيندَي رڙيون ڪندا رهيا.

فائرنگ بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، زخمي پرنسپال کي وارهه اسپتال مان شروعاتي طبي امداد ڏئي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، پر هو نصير آباد ويجهو رستي ۾ زخمن جِي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

 اهڙي واقعي بعد ٻارڙن جي دانهن تي پاڙي وارن گڏ ٿي زخمي پرنسپال کي وارهه جي اسپتال پهچايو، جتي شروعاتي طبي امداد بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو پئي ويو ته نصيرآباد ڀرسان زخمي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

واقعي خلاف شهري دڪاندار اتحاد جي سڏ تي شهر ۾ مڪمل طور شٽربند هڙتال ڪئي وئي ۽ نجي اسڪول به بند ڪيا ويا……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*