قومي ايڪشن پلان تي عملدارآمد بابت خيبر پختونخواهه جي اپيڪس ڪميٽي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

قومي ايڪشن پلان تي عملدارآمد بابت خيبر پختونخواهه جي اپيڪس ڪميٽي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 83 افغانين کي گرفتار ڪرڻ بعد 43 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

صوبائي اپيڪس ڪميٽي خيبرپختونخواهه قومي ايڪشن ڪميٽي تي عملدرآمد بابت پنهنجي رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته 3 جوابدارن کي موت ۽ 4 دهشتگردن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو يوو آهي ته قومي ايڪشن پلان تحت 32 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، جن مان 41 کي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو.

رپورٽ موجب 729 تعليمي دارن کي چيڪ ڪيو ويو، غير معياري سڪيورٽي تي 525 ادارن خلاف ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*