پاڪستان جي سامونڊي فوج لاءِ ٺهندڙ جديد ترين 3 هزار سروَي جهاز جِي چين ۾ لانچنگ ڪئي وئي

پاڪستان جي سامونڊي فوج لاءِ ٺهندڙ جديد ترين 3 هزار سروَي جهاز جِي چين ۾ لانچنگ ڪئي وئي، پاڪ نيوي جَي ترجمان چيو آهي ته جهاز اونهَي سمنڊ ۾ وڃڻ جِي صلاحيت رکي ٿو، جيڪو 2019 جَي آخر تائين پاڪ نيوي جو حصو بڻجي ويندو.

پاڪستان جي نيوي لاءِ ٺهندڙ جديد ترين 3 هزار سروي جهاز جي چين ۾ لانچنگ جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شپ يارڊ، مقامي اختيارين ۽ پاڪ بحريا جَي عملدارن شرڪت ڪئي.

تقريب جو خاص مهمان نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي هو، پاڪ نيوي جي ترجمان موجب، جهاز اونهي سمنڊ ۾ آپريشن جي صلاحيت رکي ٿو.

ترجمان موجب، جديد ترين سروي جهاز پاڪستان جي ميرين ريسرچ ۾ اضافو  ڪرڻ سان گڏ آپريشنز جون سهولتون فراهم ڪندو.

ترجمان پاڪ نيوي موجب، سروي جهاز جي شموليت سان سامونڊي جاگرافيائِي سروَي ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو.

پاڪ نيوي جي ترجمان موجب، جهاز جي ڊيگهه 80 ميٽر کان وڌيڪ آهي، جيڪو جديد سامان سان لَيس آهي، جهاز 2019ع جَي آخر تائين پاڪ بحريا جو حصو بڻجندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*