بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته اسان کي تعليم جي ميعار تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي

بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته اسان کي تعليم جي ميعار تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، تعليم ئي معاشري جي بهتري ۾ ڪردار ادا ڪندي آهي، اسان کي پنهنجي ڪوتاهين مان سبق سکڻ گهرجي.

ڪوئيٽا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڄام ڪمال چيو ته اسان کي تعليم جي ميعار تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته تعليم ئي معاشري جي بهتري ۾ ڪردار ادا ڪندي آهي، ليپ ٽاپ ورهائڻ جو مقصد شاگردن جي صلاحيتن کي وڌائڻ آهي.

بلوچستان جي وڏي وزير  چيو ته ، اسان ۾ جيڪي به ڪوتاهيون آهن، انهن مان سبق سکڻ گهرجي.

هن چيو ته، وقت ڪڏهن به ضايع نه ٿيندو آهي، وقت انسان کي سيکاريندو آهي.

ڄام ڪمال چيو ته ڪجهه ماڻهون چون ٿا ته اسان ڪوشش ڪئي پر ڪجهه حاصل نه ڪيو، پر آئون چوندو آهيان ته جڏهن اوهان 60 ، 70 ماڻهن سان ملندا آهيو ته انهن کان ڪجهه نه ڪجهه ضرور سکندا آهيو.

بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته، ڪجهه ماڻهن اهڙيون حالتون به ڏٺيون آهن، جنهن سبب هو پريشان ٿي ويندا هئا، هاڻ انهن کي ماڻهو ڏسن ٿا، اهي مثال بڻجي ويا آهن.

بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو ته اسان سمورن ادارن مان ڪجهه  نه ڪجهه ضرور سکندا آهيون……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*