گمبٽ ۾ ھڪ ئِي رات ۾ ٽن دڪانن مان لکين رپين جي چوري ٿيڻ واري واقعي خلاف دڪاندارن احتجاجي مظاهرو ڪيو

گمبٽ ۾ ھڪ ئِي رات ۾ ٽن دڪانن مان لکين رپين جي چوري ٿيڻ واري واقعي خلاف دڪاندارن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

جادو واھڻ واري علائقي ۾ اڻڄاتل چور ھڪ ئي رات ۾ مقيم علي کھڙو، آصف علي آرائين ۽ محمد علي کھڙو جَي دڪانن کي کاٽ ھڻي روڪ رقم سميت لکين رپين جي ماليت جو سامان چوري ڪري ويا.

چوري خلاف متاثر دڪاندارن ۽ ٻين شھرين جادو -گمبٽ روڊ تي احتجاج مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

دڪاندارن چيو ته  پوليس جي ملي ڀڳت سان سندن دڪانن مان چوري ڪئي وئي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ڏوھارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري سندن چوري ٿيل رقمون ۽ سامان واپس ڪرايا وڃن، ٻِي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*