ملتان ۾ ٻوٽا لڳائڻ واري مهم جو افتتاح ٿي  ويو آهي

ملتان ۾ ٻوٽا لڳائڻ واري مهم جو افتتاح ٿي  ويو آهي،  صوبائي وزير اعجاز عالم چيو آهي ته گرين پنجاب جو خواب پورو ڪرڻ لاءِ جنگي بنيادن تي ڪم ڪري  رهيا آهيون، اسان جي ايندڙ نسلن جي بقا صاف ماحولياتي سسٽم تي ڀاڙي ٿي،

انساني حقن ۽ اقليتن جي معاملن وارو صوبائي وزير اعجاز عالم هڪ ڏينهن جي  دوري تي ملتان پهتو، جنهن بعد هن قلعا ڪهنا قاسم باغ ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر مدثر رياض ملڪ ۽ ڊائريڪٽر جنرل پي ايڇ اي علي اڪبر ڀٽي به ٻوٽو لڳايو.

انساني حقن  واري صوبائي وزير اعجاز عالم چيو ته گرين پنجاب جو خواب پورو ڪرڻ لاءِ جنگي بنيادن تي ڪم ڪري  رهيا آهيون، اسان جي ايندڙ نسلن جي بقا صاف ماحولياتي سسٽم تي ڀاڙي ٿي،

اعجاز عالم چيو ته پنجاب حڪومت ماحولياتي آلودگي جي خاتمي لاءِ  انقلابي سڌارن تي عمل ڪري رهيا آهيون.

ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي انتظاميا سول سوسائيٽي سان گڏ جي سڄي شهر ۾ لکين ٻوٽا لڳايا آهن، هر شهري کي پنهنجي ذميواري جو احساس ڪندي وڻڪارري مهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

ڊائريڪٽر جنرل پي ايڇ اي چيو ته گرين بيلٽس ۽ پارڪس جي اپ گريڊيشن جي شروعات ڪئي وئي آهي، شهرين لاءِ مختلف پارڪس ۾ مثالي تفريح ڊيزائن ڪئي ويندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*