جوهي ۾ جهيڙي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ تي پوليس خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

جوهي ۾ جهيڙي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ تي پوليس خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ راڄو ديرو جي رهواسين خالق لغاري، عرس لغاري ۽ حاجي شريف جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو  ڪيو.

 احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل ڏينهن مقامي وڏيري جِي چُرچ تي چانڊيا برادري جي ماڻھن حملو ڪري سندن ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن الزام هنيو ته بااثر ماڻهو زمين تي قبضو ڪري کين بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن.

ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جهيڙي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*