وڪيل سلمان حامد کي نيب پاران نوٽيس اماڻڻ خلاف وڪيلن سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي احاطي ۾ احتجاج ڪيو

وڪيل سلمان حامد کي نيب پاران نوٽيس اماڻڻ خلاف وڪيلن سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي احاطي ۾ احتجاج ڪيو، چيف جسٽس وڪيلن سان ملاقات بعد ڊي جي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس چيو آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي اڄ شام ڪئي ويندي.

وڪيل سلمان حامد کي نيب پاران موڪليل نوٽيس خلاف وڪيلن سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي احاطي ۾ سخت احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج بعد وڪيل اڳواڻن چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار سان چيمبر ۾ ملاقات ڪري نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي.

چيف جسٽس وڪيلن سان ملاقات کانپوءِ ڊي جي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

چيف جسٽس چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي اڄ شام ساڍي چار وڳي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*