ٺل ۾ معذورن ڪوٽا تحت نوڪريون ۽ ٻيون مراعتون نه ملڻ  خلاف احتجاج جاري کندي مظاهرو ڪيو

ٺل ۾ معذورن ڪوٽا تحت نوڪريون ۽ ٻيون مراعتون نه ملڻ  خلاف احتجاج جاري کندي مظاهرو ڪيو.

معذورن غوث بخش ٻرڙو، بشير جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي معذورن چيو ته سنڌ حڪومت توڙي وفاقي سرڪار پاران معذورن سان ناانصافي ڪندي نوڪرين ۽ ٻين مراعتن  ۾ نظرانداز ڪيو پيو وڃي.

 هنن وڌيڪ چيو ته سرڪار طرفان سار نه لهڻ سبب هو سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته معذور ڪوٽا تحت نوڪريون ڏئي ۽ مالي مدد ڪئي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*