نوشھرو فيروز ۾ سول اسپتال کي اپ گريڊ ڪرڻ، دوائن ۽ ڊاڪٽر جي کوٽ سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

نوشھرو فيروز ۾ سول اسپتال کي اپ گريڊ ڪرڻ، دوائن ۽ ڊاڪٽر جي کوٽ سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

 خادم سيال، عطا محمد سولنگي ۽   يونس راڄپر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد علامتي بک ھڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ  غريب ماڻهو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ھنن مطالبو کان مطالبو ڪيو ته سول اسپتال کي اپ گريڊ ڪري ڊاڪٽن ۽ دوائن جي کوٽ ختم ڪري غريبن کي پريشانين کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*