سکر ۽ خيرپور ضلعي مان اغوا ڪيل 4 ڄڻن کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي

سکر ۽ خيرپور ضلعي مان اغوا ڪيل 4 ڄڻن کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ڪچي جي مختلف علائقن ۾ ڪيل آپريشن ۾ به ناڪام ٿي ويو آهي.

 سکر ۾ شو روم مان 6 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل واپاري رميش لال کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي.

 سائيٽ ٿاڻي جي پوليس رميش لال جو اغوا ڪيس داخل ڪرڻ بعد 7 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن کان جاچ ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.

 2هفتا اڳ اغوا ٿيل  بُهه جي واپارين ڪولاب جيئل واسي  نظام الدين ڪانڌڙو ۽ عزيز الله ڪانڌڙو کي به بازياب نه ڪرايو ويو آھي.

گلو سيال واري علائقي  مان   هاري شمن چاچڙ جي اغوا کي به هڪ هفتو گذري ويو آهي، پر پوليس ڌاڙيلن جي  قيد مان آزاد  نه ڪرائي سگهي آهي.

هوڏانهن مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته هو پوليس ڪارڪردگي مان سخت مايوس ٿي ويا آهن ۽ پيارن جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششون  شروع ڪري ڇڏيون آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*