اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي ميمبرز جي پارليامينٽ ۾ واپسي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، تحريڪ انصاف جي ميمبرز جي پارليامينٽ ۾ واپسي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عمر فاروق تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ن ليگ جي اڳواڻ ظفر علي شاهه جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

 درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته تحريڪ انصاف جا ميمبرز استيعفائون ڏئي چڪا آهن، سندن پارليامينٽ ۾ واپسي غير آئيني آهي.

درخواستگذار موجب، آئين تحت 40 ڏينهن تائين غير حاضر رهندڙ ميمبرز ناهي رهندو، عدالت کي استدعا آهي ته اسپيڪر کي استيعفائون منظور ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

عدالت، درخواست ٻڌڻ جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي آهي، تفصيلي فيصلو ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*