لاهور هاءِ ڪورٽ گلو بٽ جي ضمانت واري درخواست کي ابتدائي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو

لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي مرڪزي ڪردار گلو بٽ جي ضمانت واري درخواست کي ابتدائي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو آهي.

عدالت آڏو گلو بٽ جي وڪيل پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته پوليس سياسي دٻاءُ تحت سندس اصيل خلاف دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا جڏهن ته ٽرائل عدالت بنا ثبوت ۽ جوڳين شاهدين کانسواءِ گلو بٽ کي سزا ٻڌائي جيڪا انصاف جي گهرجن ابتڙ آهي.

گلو بٽ جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته گلو بٽ کي ٻڌايل سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جڏهن ته درخواست تي رجسٽرار پاران لڳايل اعتراض ختم ڪيا وڃن، جنهن تي عدالت درخواست کي ابتدائي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*