جسقم پاران ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ مٿن ڪيس داخل ٿيڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

جسقم ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ مٿن ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مرڪزي سڏ تي ڪارڪنن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن.

ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف مرڪزي سڏ تي لاڙڪاڻي ۾ جسقم پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

نوابشاهه جسقم ڪارڪنن علي رضا خاصيخلي، ناصر شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم ڪارڪنن پاران والي ڏنو سبزوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي گهنٽا گهر چوڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو.

ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف شڪارپور ۾ جسقم پاران امداد ويسر ۽ ٻين جي اڳواڻي مک چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. ميرپورماٿيلو ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

جسقم ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف نوشهرو فيروز، سڪرنڊ، ڄام صاحب،  ڪنڊيارو، پڊعيدن، سامارو، گهارو ۽ ٻين شهرن ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جسقم ڪارڪنن تي داخل ڪيس ختم ڪري گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*