چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ٿر جي دوري تي پهچي مٺي سول اسپتال ۽ آر او پلانٽ جو معائنو ڪيو

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ٿر جي دوري تي پهچي مٺي سول اسپتال ۽ آر او پلانٽ جو معائنو ڪيو، سول اسپتال جي دوري دوران مريضن جي وارثن کيس آگاهه ڪيو ته توهان جي آمد سبب اسپتال ۾ ڊاڪٽر موجود آهن ۽ دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار سول اسپتال مٺي جي دوري دوران مريضن کان حال احوال ورتا.

سول اسپتال جي دوري دوران مريضن جي وارثن چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو هنن کي صحت جون ڪي به سهولتون فراهم نه ٿيون ڪيون وڃن ۽ هُو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

چيف جسٽس جي سول اسپتال جي دوري دوران اسپتال ٻاهران مختلف ڌرين پاران احتجاج ڪيو ويو.

چيف جسٽس اسپتال کان ٻاهر نڪرڻ وقت احتجاج ڪندڙن سان ملاقات ڪري درخواستون وصول ڪيون.

چيف جسٽس تعلقي اسپتال اسلام ڪوٽ جو معائنو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو.

مٺي ۾آر او پلانٽ جي معائني دوران چيف جسٽس پاڻي جو گلاس پي چيڪ ڪيو، جنهن کان پوءِ سول اسپتال مٺي جو دورو ڪري مريضن کان حال احوال ورتا.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ڏيپلو اسپتال وڃڻ دوران رستي تي ڳوٺ ڪوريو ٺاڪر جي پرائمري اسڪول جو معائنو ڪري رڪارڊ چيڪ ڪيو.

استادن ۽ شاگردن پاران پاڻي سميت ٻين سهولتن جي کوٽ جون دانهون ڪيو ويون.

چيف جسٽس عملدارن کي هدايت ڪئي ته اسڪول جي شاگرن کي پاڻي سميت ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

چيف جسٽس ڏيپلو تعلقي اسپتال جو معائنو ڪرڻ بعد ٿرڪول بلاڪ ٽو جي دورو تي پهتو، جتي کيس سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي سي اي او سيد ابو الفضل رضوي پراجيڪٽ بابت بريفنگ ڏني وئي.

هن بريفنگ ۾ چيو ته ٿر فائونڊيشن پاران عوام کي صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ روزگار سميت سماجي ترقي جا سمورا ڪم ڪيا پيا وڃن.

ابو الفضل رضوي بريفنگ ۾ چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو ته ٿر فائونڊيشن پاران 24 اسڪول يونٽ هلندڙ آهن، صحت جي سهولتن لاءِ ماروي ڪلينڪ ۽ گوڙاڻو ڪلينڪ سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته اسلام ڪوٽ ۾ 80 بسترن تي مشتمل اسپتال ٺاهي پئي وڃي.

هن چيو ته ٿر فائونڊيشن پاران شاگردن کي انجنيئرنگ جي تربيت ڏيڻ لاءِ پراجيڪٽ جاري آهي، ٽريني انجنيئر پروگرام، انجنيئرنگ ۾ ڊپلومه، اينڊر اينڊ ويب ڊيولپر، رفريجريٽر ۽ اي سي مڪينڪ سميت ٻيا تربيتي پروگرام جاري آهن.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته بلاڪ ٽو ۽ گوڙاڻو  ۾ صفا پاڻي جي فراهمي لاءِ آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن.

ان موقعي تي چيف جسٽس سان وڏو وزير مراد علي شاهه، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ به گڏ هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*