پاڪ بحريا جي ايوي ايشن ۾ ميرينائزڊ اي ٽي آر ۽ 3 هيلي ڪاپٽر شامل ڪيا ويا آهن

پاڪ بحريا جي ايوي ايشن ۾ ميرينائزڊ اي ٽي آر ۽ 3 هيلي ڪاپٽر شامل ڪيا ويا آهن، نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي چيو آهي ته ٽو سي ڪنگ هيلي ڪاپٽرز کي جديد سامان سان ليس ڪيويو آهي، جنگيون رڳو سامان جي زور تي نه پر خلوص جي طاقت سان وڙهيون وينديون آهن.

ڪراچي ۾ پليٽ فارمز جي شموليت جي تقريب ٿي، جنهن ۾ نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي.

تقريب دوران پاڪ بحريا جي ايوي ايشن ۾ ميرينائزڊ اي ٽي آر ۽ 3 هيلي ڪاپٽر شامل ڪيا .

پاڪ بحريا جي ترجمان موجب، ٻنهي سي ڪنگ هيل ڪاپٽرز کي مقامي طور تي پاڪ بحريا جي دفاعي گهرجن کي نظر ۾ رکندي، جديد سامان سان ليس ڪيو ويو  آهي.

نيول چيف موجب، جيو اسٽيرٽجڪ سامان کي نظر ۾ رکندي اسان کي پنهنجي قومي مفاد کي پهرين ترجيح ڏيڻ گهرجي.

پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته جنگي حڪمت عملي ۾ هائبرڊ   وار فيئر ۽ سائبر وار فيئر خلاف اسان کي سجاڳ رهڻو پوندو.

نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي چيو ته جنگيون رڳو سامان جي زور سان نه پر خلوص جي طاقت سان وڙهيون وينديون آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*