نوابشاھ  ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار کي نيب پاران نوٽس موڪلڻ خلاف وڪيلن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

نوابشاھ  ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار کي نيب پاران نوٽس موڪلڻ خلاف وڪيلن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد وڪيلن علي رضا چنا،علي حيدر شاھ،علي حسن لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مطاهرو ڪري ڪوٽ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

وڪيل اڳواڻن چيو ته نيب ڌر بڻجي وڪيل اڳواڻ ضياءَ الحسن لنجار کي ناجائز تنگ ڪري رهي آهي.

 هنن چيو ته ضياءَ الحسن لنجار کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪو عمل غلط آهي.

هنن چيف جسٽس  ۽ نيب چيئرمين کان مطالبو ڪيو ته ضياءَ الحسن لنجار واري معاملي جو پاڻمرادو  نوٽس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*