سن ويجھو نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ مليو

سن ويجھو نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ مليو، پوليس نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، سڃاڻپ ٿي نه سگهي آهي.

رهواسين رني ڪوٽ روڊ تي لاش ڏسي سن پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن کان پوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي سن اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي آهي، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب جيئن ئي لاش جي سڃاڻپ ٿيندي ۽ سندس وارث ايندا ته لاش انهن جي حوالي ڪيو ويندو.

پوليس موجب نوجوان کي مٿي  تي 2 ۽ پيٽ ۾ 3 گوليون لڳل آھن، جڏهن ته شلوار قميص پهريل آھي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*