راڻيپور۾ ڪوچ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ پيرسن شخص فوت ٿي ويو

راڻيپور۾ ڪوچ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ پيرسن شخص فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ ڳوٺ سرد جتوئي جي رهواسي طور ڪئي وئي آهي.

 رحمان سي اين جي ويجهو تيز رفتارڪوچ روڊ پار ڪندڙ پيرسن شخص مٿان چڙهي وئي جيڪو موقعي تي فوت ٿي ويو.

 اطلاع تي پوليس پهچي لاش راڻيپور ۾ سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو، جتي فوتي جي سڃاڻپ ڳوٺ سرد جتوئي جي رهواسي دريا خان جتوئي طور ڪئي وئي.

 پوليس مڙهه پوسٽ مارٽم کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته ڪوچ کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*